SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏاهي طاقت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڏاهي طاقت

Smart Power

سمارٽ پاور

عالمي سياست جي مشهور دانش ور ”جو زف ناءِ“ طرفان استعمال ٿيندڙ اصطلاح، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي اهڙي صلاحيت جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ذريعي اهو ملڪ اڳرائي پسند ۽ امن پسند پاليسين جي ايڪي سبب، پنهنجا قومي مفاد ماڻڻ ۾ ڪامياب. ”ڏاهپ ڀري طاقت“ ڪامياب سفارتڪاري، پوئواري، ملڪي داخلي اوسر قومي سگهه ۽ اثر جي استعمال کي جائز نموني سياسي ۽ سماجي دانائيءَ سان سلهاڙي، ڪيل ڪٿ موجب نتيجا حاصل ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ کي چئبو آهي. اهڙي حاصلات فوجي ۽ سفارتي وسيلن جي مناسب استعمال سان ممڪن ڏٺي وئي آهي. هي اصطلاح آمريڪي صدر جارج ’بش جونيئر‘ جي 2003 ع ۾ عراق ۾ ڪيل دخل اندازيءَ کان پوءِ مليل نتيجن بابت تنقيدي تبصرن ۾ ڪم آيو. ان جي وسيلي ڪنهن هڪ رياست جي پنهنجي منهن فيصلو ڪرڻ واري رويي کي رد ڪندي، بين الاقوامي ادارن ذريعي عالمي بحران حل ڪرڻ واري نيتيءَ جي حمايت ڪئي وئي. ”ڏاهپ ڀري طاقت“ کي صفا لِڳڙي قومي پاليسيءَ جي بدل طور به مڃيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو رڳو جمهوريت جورٽو لڳائڻ وارو ملڪ به عالمي منظرنامي ۾ ڪاميابي نٿو ماڻي سگهي. هي اصطلاح پهريون دفعو نامياري اسڪالر ”سوزاني ناسيل“ (Suzanne Nossel) جي لکيل مضمون Smart Power ۾ استعمال ٿيو، جيڪو 2004ع ۾ مشهور تحقيقي رسالي ”فارين افيئرس“ ۾ ڇپيو. اصطلاح جو استعمال آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن پنهنجي عهدي لاءِ گهربل سينيٽ طرفان تصديق جي موقعي تي ڪيل تقرير (12 جنوري 2009ع) ۾ پڻ باربار ڪيو


Remember Me Also:

گشئي

ذ . صفت. ڪوڙ هڻندڙ ، ٻٽاڪي ، ڊاڙي ، ٺڪائي ، ڪوڙو ، گشائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal